ڪتاب صرف صفحا ناهن، قومن جي تقدير بدلائين ٿا: شاهه

ڪتاب صرف صفحا ناهن، قومن جي تقدير بدلائين ٿا: شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته ڪاغذ تي لاڳو غير ضروري ٽيڪس نه رڳو ڪتابن جي ڇپائي سان لاڳاپيل صنعت کي سخت نقصان پهچائي رهيو آهي، پر ان سبب سماج ۾ مطالعي ڪرڻ جو لاڙو به تيزي سان متاثر ٿي رهيو آهي. هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪتاب ڇاپيندڙن تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي آڻي وڃي، ته جيئن وڌ کان وڌ ڪتاب شايع ٿي سگهن ۽ عام ماڻهن تائين علم ۽ ڄاڻ جي رسائي آسان ۽ ممڪن بڻجي سگهي. ڪاغذ تي ٽيڪس گهٽائڻ جو سڌو فائدو عوام کي ئي ملندو. هن زور ڏيندي چيو ته نوجوانن کي ٻيهر ڪتابن ڏانهن راغب ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، ڇاڪاڻ ⁠ته مصنوعي ذهانت ڪنهن به صورت ۾ ڪتاب جو متبادل نٿي بڻجي سگهي. انهن خيالن جو اظهار هن اڄ ڪراچي ۾ “ڪراچي عالمي ڪتاب ميلي” جي افتتاح کان پوءِ منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پنج ڏينهن وارو ڪتاب ميلو ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ منعقد ڪيو ويو آهي، جيڪو 22 ڊسمبر تائين جاري رهندو. سيد سردار علي شاهه جي ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر ۾ آمد تي بڪ پبلشرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڪامران نوراني، وائس چيئرمين نديم مظہر، ڪنوئينر وقار متين پاران آڌرڀاءُ ڪيو ويو، جڏهن ⁠ته ڊپٽي ڪنوئينر ناصر حسين، نيشنل بڪ فائونڊيشن جي مراد علي ۽ ايونٽ اينڊ ڪانفرنس انٽرنيشنل جي ڊائريڪٽر راشد الحق به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي صدر احمد شاهه سميت ڪتابن سان شوق رکندڙ ماڻهن، عالمن، دانشورن، استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي انگ ۾ موجود هئا. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه افتتاح جي موقعي تي چيو ته ڪتاب علم، شعور ۽ تنقيدي سوچ کي هٿي ڏين ٿا. نوجوانن کي ڪتابن ڏانهن واپس آڻڻ اسان جي ذميواري آهي. ڪتاب مهانگا ٿيڻ سبب عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿيندا پيا وڃن، جڏهن ⁠ته مقامي سطح تي ڪتاب ڇپجڻ ۾ به گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت ڪنهن به صورت ۾ ڪتاب جو متبادل نٿي بڻجي سگهي، ڇو⁠ ته اي آءِ جي ڄاڻ گهڻو ڪري گذريل وقت تي ٻڌل هوندي آهي، جڏهن⁠ ته انسان کي علم جي دنيا ۾ اڃا اڳتي وڌڻو آهي. ڪتاب صرف صفحا ناهن، پر قومن جي تقدير بدلائين ٿا. مطالعو ڇڏڻ اصل ۾ سوچ کي قيد ڪرڻ برابر آهي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت اسڪول سطح تي مطالعو وڌائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ۽ سنڌ جي هر اسڪول ۾ “بڪ ڪارِنر” متعارف ڪرايا ويندا ته جيئن ٻارن کي ڪتابن سان ڳنڍي رکڻ ۾ مدد ملي سگهي. هن وفاق کان مطالبو ڪندي چيو ته ڪاغذ تي ٽيڪس گهٽايو وڃي ته جيئن وڌيڪ ڪتاب ڇپجن ۽ مطالعو ڪرڻ جو رجحان وڌي. هن نشاندهي ڪئي ته ٽيڪس ۾ واڌ سبب درسي ڪتابن جي ڇپائي پڻ متاثر ٿئي ٿي. وفاق کي گهرجي ته پڙهندڙن بدران امير طبقي کان ٽيڪس وصول ڪرڻ جي صلاحيت وڌائي. سيد سردار علي شاهه منتظمين کي يقين ڏياريو ته ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص ۾ به عالمي ڪتاب ميلا منعقد ڪيا ويندا، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت مڪمل سهڪار ڪندي. ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي صدر محمد احمد شاهه چيو ته ڪتابن جي وچ ۾ زندگيءَ جو احساس ملي ٿو، ڪتاب انسان کي دنيا جي سير ڪرائين ٿا، اسان کي ڪتابن ۽ لائبريرين جي حفاظت ڪرڻ جي ضرورت آهي. بڪ پبلشرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڪامران نوراني چيو ته ڪتاب پڙهڻ جو رجحان وڌائڻ لاءِ والدين، استاد ۽ سماج جي هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. نيشنل بڪ فائونڊيشن جي مراد علي چيو ته ڪتاب ثقافت جي واڌاري جو ذريعو آهن، ٽيڪنالاجي اچڻ کان پوءِ ڪتاب ميلا ۽ آن لائين ذريعا ئي ڪتابن جي وڪري جا اهم وسيلا بڻجي ويا آهن. ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر 2025، 18 کان 22 ڊسمبر تائين ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ جاري رهندو. ڪتاب ميلي ۾ پاڪستان سميت 17 ملڪن جي پبلشرن شرڪت ڪئي آهي، جڏهن⁠ته مجموعي طور 329 اسٽال لڳايا ويا آهن. ميلي ۾ ملڪ ڀر مان 140 مشهور پبلشرن ۽ ڪتاب وڪرو ڪندڙن حصو ورتو آهي. ڪتاب ميلي جو وقت روزانو صبح 10 وڳي کان رات 9 وڳي تائين هوندو. ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر جو انعقاد پاڪستان پبلشرز اينڊ بڪ سيلرز ايسوسيئيشن جي سهڪار سان ڪيو ويو آهي. ڪتاب ميلي ۾ ڪتابن سان گڏ علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب ميلا نون ڪتابن جي رونمائي ۽ ليکڪن سان ملاقات جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو. پهريون ڀيرو مصر جي الازهر يونيورسٽي جي پبليڪيشن اداري پاران نمائندن شرڪت ڪئي آهي. منتظمين يقين ڏياريو آهي ته سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ڪراچي کان علاوه سنڌ جي ٻين شهرن حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ به ڪتاب ميلا منعقد ڪري سگهجن ٿا. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ڪتابن جي اسٽالن جو دورو پڻ ڪيو. ان موقعي تي هو مصر جي الازهر يونيورسٽي جي پبليڪيشن اسٽال تي به ويا ۽ الازهر يونيورسٽي جي نمائندن جي علم دوست قدمن جي آجيان ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو