ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪنهن جي به ڪراچي اچڻ تي ڪا پابندي ناهي، جيڪڏهن خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير سهيل آفريدي ايندو ته ان کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته حافظ نعيم الرحمان سياسي پريس ڪانفرنسون ڪندو آهي، ان سان مسئلا حل نه ٿيندا آهن، مان مخالفن کي چوان ٿو ته ڪم ڪرڻ کان پوءِ ڳالهايو، ڪم ڪرڻ کان سواءِ نه ڳالهايو.هن چيو ته چيئرمين پيپلز پارٽي پاران ڪيل واعدا پورا ڪيا ويندا، هدف سڀني سان گڏ اڳتي وڌڻ آهي، ڪيماڙي جا مسئلا به حل ڪيا وڃن، شاهراهه ڀٽو جو ڪم تيزي سان جاري آهي، جيڪو هن سال مڪمل ڪيو ويندو.مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته لوڊشيڊنگ سبب اسٽريٽ لائيٽون بند نه ٿينديون، ڪي ايم سي جي عمارت کي به سولر لائيٽن تي منتقل ڪيو ويو آهي.










