خيرپور(ن س)خيرپور جي ڪوٽ ڏيجي علائقي ۾ ڪار تي فائرنگ ۾ ماءُ ۽ سندس ڌيءَ مارجي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ مڙس سميت ٽي ماڻهو زخمي ٿيا آهن. فائرنگ کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويا.پوليس موجب، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ۽ واقعي جي جاچ جاري آهي. شروعاتي پوليس جاچ موجب، واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو.










