لاهور: (ويب ڊيسڪ) 1999ع ۾ ڪارگل جي محاذ تي عزم ۽ همت جي داستان رقم ڪندڙ ڪيپٽن ڪرنل شير خان جي اڄ ورسي ملهائي پئي وڃي. انسپيڪٽر جنرل فرنٽيئر ڪور (FC) خيبرپختونخوا ميجر جنرل رائو عمران سرتاج شهيد جي مزار تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي. ان کان علاوه ايف سي خيبرپختونخوا نارتھ جي چاق و چوبند دستي شهيد کي سلامي ڏني.تقريب ۾ شهيد جي گهرڀاتين، اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ڪيپٽن ڪرنل شير خان ملٽري اڪيڊميءَ مان سڌوسنئون 27 سنڌ رجمنٽ ۾ مقرر ٿيندڙ پهريون آفيسر هو. ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد کي ڪارگل جي معرڪي ۾ دشمن جا ڏند کٽا ڪري تاريخي شڪست ڏيڻ ۽ شهادت جو درجو ماڻي امر ٿيڻ تي پاڪستان جي اعليٰ ترين فوجي اعزاز “نشانِ حيدر” سان نوازيو ويو. ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي همت، جرئت، وطن سان محبت ۽ بهادريءَ جو کليل اعتراف دشمن پڻ ڪيو. هو 1996ع ۾ ڪيپٽن بڻيو، تعليم جو شعبو هجي يا راندين جو، هن سڀني ۾ پاڻ مڃايو. کيس شروعات کان ئي هٿيارن سان تمام گهڻو پيار هو، هو هڪ بهترين فائيرر (نشاني باز) پڻ هو، کيس پنهنجي ٻانهن جي طاقت تي مڪمل ڀروسو هو ۽ هو پي ايم اي (PMA) جي هر شوٽنگ مقابلي جو حصو رهيو. وطن جي شهيد جي يومِ شهادت جي موقعي تي مسجدن ۾ قرآن خواني ۽ دعائن جو خاص اهتمام ڪيو ويندو. شهيدن جون قربانيون اسان کي اتحاد ۽ ٻڌي جو درس ڏين ٿيون، جيڪي قومون پنهنجي شهيدن جي تعظيم ناهن ڪنديون اهي ذليل و رسوا ٿي وينديون آهن.










