کنڊ اسڪينڊل ۾ زرداري ۽ شريف ملوث آهن،اربين رپيا ڪمايا،عمر ايوب

کنڊ اسڪينڊل ۾ زرداري ۽ شريف ملوث آهن،اربين رپيا ڪمايا،عمر ايوب

پشاور (ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب الزام لڳايو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي ذخيره اندوزي ڪئي پئي وڃي ۽ شريف ۽ زرداري خاندان کنڊ اسڪينڊل ۾ ملوث آهن،جنهن اربين رپيا ڪمايا، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت پهريان 500,000 ٽن کنڊ درآمد ڪئي، پوءِ 500,000 ٽن کنڊ برآمد ڪئي، ۽ ملڪ ۾ مهانگائي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي.هن چيو ته 1500 رپين جو بجلي جو بل 15000 رپين تائين پهچي ويو آهي، پيٽرول، گئس ۽ ٻيون شيون مهانگيون آهن.عمر ايوب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان ۽ سندس زال بشريٰ بي بي سان جيل ۾ بدسلوڪي ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو