ڌماڪيدار مادو هٿ ڪرڻ جو ڪيس داخل، 3 دهشتگرد گرفتار

ڌماڪيدار مادو هٿ ڪرڻ جو ڪيس داخل، 3 دهشتگرد گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي بلديا رئيس ڳوٺ مان ڌماڪيدار مواد جي برآمدگي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.اختيارين موجب ڪيس ۾ دهشتگردي ۽ ڌماڪيدار مواد جي خاتمي واري قانون جون دفعات شامل ڪيون ويون آهن.دهشتگردن جو ارادو هو ته شهر ۾ دهشتگردي ڪرڻ لاءِ ٽرڪ تيار ڪئي وڃي. ڇاپي ۾ 2 هزار ڪلوگرام ڌماڪيدار مواد، 30 کان وڌيڪ ڊرم ۽ 5 سلنڈر ضبط ڪيا ويا.اختيارين چيو ته آپريشن دوران هڪ دهشتگرد کي موقعي تي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي نشاندهي تي ٻن ٻين ساٿين کي به گرفتار ڪيو ويو. گرفتار دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل اي جي ڪمانڊر بشير گروپ سان آهي.هن چيو ته ڪو به خطرو ناهي، سڀئي ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو آهي ۽ جيڪي خودڪش بم ڌماڪا ڪرڻ وارا هئا انهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ گرفتاريون ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو