ڊگهڙي، شاديءَ ۾ هوائي فائرنگ سبب گھوٽ جو ڀاءُ فوت

ڊگهڙي، شاديءَ ۾ هوائي فائرنگ سبب گھوٽ جو ڀاءُ فوت

ميرپورخاص: (ن س) ڊگهڙي ۾ شاديءَ جون خوشيون ماتام ۾ تبديل ٿي ويون، جتي هوائي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل گھوٽ جو ڀاءُ فوت ٿي ويو. ذرائع موجب، اهو افسوسناڪ واقعو امينه شادي هال ٻاهران پيش آيو، شاديءَ جي خوشيءَ ۾ هوائي فائرنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن دوران گولي لڳڻ سبب گھوٽ جو ڀاءُ فوت ٿي ويو.پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي، شاديءَ جي تقريب ۾ فائرنگ سبب فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ بلال رانگھڙ جي نالي سان ٿي آهي، پوليس فائرنگ جي شڪ ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو