ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اورنگي ٽائون ۾ واپاري جي گهر مان ڦر واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اورنگي ٽائون ۾ واپاري جي گهر مان ڦر واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي،گرفتار ڊي ايس پي عمير طارق باجاري خلاف جاچ منتقلي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي،عدالت ڊي ايس پي عمير طارق باجاريءَ خلاف جاچ ڏکڻ ضلعي کان اولهه منتقل ڪري ڇڏي، درخواستگذار جي وڪيل، پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن جاچ ٻئي ضلعي منتقل ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو، عدالت انڪوائري منتقل ڪرڻ بعد درخواست اڪلائي ڇڏي،ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن موجب ڪيس جو چالان جمع ڪرايو آهي، جوابدار جاچ آفيسر کي تبديل ڪرائڻ چاهي ٿو ته درخواست ڏي،جسٽس امجد سهتو چيو ته اسان توهان کي مشورو ڏيڻ لاءِ نه پر ڪيس جا تفصيل ٻڌائڻ لاءِ طلب ڪيو آهي، جيڪڏھن جوابدار کي جاچ تي تحفظات آهن ته شفاف ٽرائل لاءِ منتقل ڪرڻ سندس حق آھي، ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن ڪراچي ڪيس جو عبوري چالان جمع ڪرائي ڇڏيو،سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته جيڪڏهن جوابدار ڊي ايس پي کي اولهه ۽ ڏکڻ ضلعن جي جاچ تي اعتراض آهي ته کيس اوڀر ضلعي منتقل ڪيو وڃي،درخواستگذار جي وڪيل موجب ڦر کان اڳ ايس ايس پي اولهه کي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايڇ او پيرآباد ٻڌايو هو ته ڦر ٿيڻ واري آهي،وڪيل چيو ته ايس ايڇ او پير آباد اھو آفيسر آهي جيڪو پاڻ انڪوائري ۾ ملوث آهي ۽ ڦرلٽ ۾ به ملوث آهي،جاچ آفيسر موجب ايس ايڇ او پيرآباد ايس ايس پي ڊفينس کي هڪ ڪروڙ، پنج لک ۽ موبائل واپس ڪيا ھئا










