ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ پورٽ قاسم، وائرليس گيٽ ويجهو ڊمپر ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ هڪ شخص فوت ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي.پوليس موجب، حادثي کانپوءِ ڊمپر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو ۽ ڳولا جاري آهي.پوليس ڊمپر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف، ڪراچي پورٽ جي هڪ حصي ويسٽ وهار ۾ هڪ ڪنٽينر ۾ باهه لڳي وئي، ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.ڪنٽينر ۾ باهه لڳڻ جو سبب ظاهر نه ٿيو آهي.










