ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڊفينس فيز 5 واري علائقي مان رهواسين جي اطلاع تي هڪ فليٽ ۾ زنجيرن سان ٻڌل عورت کي بچايو ويو.پوليس موجب، بچيل عورت شيرين جناح ڪالوني جي رهواسي آهي. عورت کي عمارت جي ٽئين منزل تي هڪ ڪمري ۾ زنجيرن سان ٻڌل هئي. عورت کي سندس اڳوڻي مڙس ٻارن جي پرورش جي بهاني گهر سڏيو ۽ زنجيرن سان ٻڌي فرار ٿي ويو.پوليس کي ڏنل بيان ۾ عورت چيو ته سندس 3 ٻار آهن، مڙس کان عليحدگي جو معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جڏهن ته ٻارن جي پرورش جو معاملو ٻنهي عدالت کان ٻاهر حل ڪيو.متاثره جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي مڙس کان عليحدگي اختيار ڪئي هئي، مڙس هڪ ساٿي سان گڏ کيس قيد ڪري فرار ٿي ويو.متاثره جي شڪايت تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڙيسرين پاران واقعي جي رپورٽ ڏني وئي هئي، جنهن تي فوري ڪارروائي ڪئي وئي. پوليس موجب، مکيه ملزم لطيف ۽ سندس ساٿي امان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.










