ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان ڊاڪٽر عمران فاروق جي پٽ ۽ شمائله عمران جي ڀيڻ ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي.ڊاڪٽر عمران فاروق جي پٽ عليشان جو چوڻ آهي ته سندس ماءُ ڪينسر ۽ ٻين بيمارين سان وڙهندي هئي ۽ ڪامران ٽيسوري کانسواءِ ڪنهن به ايم ڪيو ايم اڳواڻ سندس مدد نه ڪئي.ڊاڪٽر عمران فاروق جي پٽ جو چوڻ هو ته سنڌ جي گورنر خاموشي سان سندس ماءُ جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ دوران ڪنهن به قسم جي مشهوري کان سواءِ مدد ڪئي. جڏهن سندس ماءُ جيئري هئي ته ڪنهن به کيس نه پڇيو، پر سندس وفات کان پوءِ، سڀني رابطو ڪرڻ شروع ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي گورنر ٻارن جي لنڊن ۾ گريجوئيشن تائين تعليمي خرچ برداشت ڪرڻ جو واعدو پڻ ڪيو آهي.










