ڊاڪٽر خالد شير  جو ايمرجنسي وارڊ جو دورو،صورتحال جو معائنو

ڊاڪٽر خالد شير جو ايمرجنسي وارڊ جو دورو،صورتحال جو معائنو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر خالد شير ايڪيهين رمضان جي موقعي تي ممڪن حساس صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايمرجنسي شعبي جو اوچتو دورو ڪيو۔هن سان گڏ جوائنٽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سليمان، ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ انچارج ايمرجنسي ڊاڪٽر نوشين، سي ايم او ايمرجنسي ڊاڪٽر عمار دانش، سينئر رجسٽرار آرٿوپيڊڪس ڊاڪٽر مهران خان، اسسٽنٽ پروفيسر ايمرجنسي ڊاڪٽر عرفان صديقي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عديل پڻ موجود هئا۔وفد ايمرجنسي شعبي جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل انتظامن جو معائنو ڪيو۔ دوري دوران دوائن جي دستيابي، طبي سهولتن ۽ هنگامي حالتن لاءِ تيارين جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته طبي عملي جي تياري ۽ الرٽنس پڻ چيڪ ڪئي وئي پروفيسر ڊاڪٽر خالد شير ايمرجنسي شعبي جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ عملي جي ڪوششن کي ساراهيو۔ هن هدايت ڪئي ته عوام کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هر وقت مڪمل تياري برقرار رکڻ لازمي آهي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو