ڄامشورو، ٻن گروپن ۾ جهيڙي جو نوٽيس، رپورٽ طلب

ڄامشورو، ٻن گروپن ۾ جهيڙي جو نوٽيس، رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گهرو وزير ڄامشورو ۾ ٻن گروپن ۾ ٿيل جهيڙي جو نوٽيس ورتو آهي. سنڌ جي گهرو وزير ٽن عورتن جي اغوا ۽ هڪ شخص جي زخمي ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ايس ايس پي ڄامشورو کان فوري طور تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي آهي، هن چيو ته عورتن جي فوري طور تي صحتيابي ۽ زخمي شخص کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي.ضياءُ لنجار وڌيڪ چيو ته ملوث عنصرن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو