ڄامشورو )ن س )ڄامشورو ۾ هڪ خطرناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ بس ۽ ٽريلر ۾ ٽڪر ٿي پيو.ريسڪيو اختيارين موجب، بس ۽ ٽريلر ۾ ٽڪر نوري آباد جي ويجهو ٿيو، جنهن ۾ 20 ماڻهو زخمي ٿيا.ريسڪيو اختيارين چيو ته زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.ريسڪيو اختيارين موجب، واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو.










