ڀارت لاءِ هوائي حدون بند ڪرڻ ۾ هڪ مهيني جي واڌ

ڀارت لاءِ هوائي حدون بند ڪرڻ ۾ هڪ مهيني جي واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان هندستان لاءِ پنهنجي هوائي حدن جي بندش ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.ان سلسلي ۾، پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي هڪ نئون نوٽم جاري ڪيو آهي.نئين نوٽم موجب، پاڪستان جي هوائي حدون هندستاني رجسٽرڊ جهازن لاءِ 23 مارچ تائين بند رهنديون.سڀني هندستاني رجسٽرڊ فوجي ۽ سول جهازن کي پاڪستان جي هوائي حدن مان گذرڻ جي اجازت نه هوندي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته پاڪستان 23 اپريل 2025 کان هندستاني جهازن لاءِ پنهنجي هوائي حدون بند ڪري ڇڏيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو