ٿرپارڪر (ن س)ٿرپارڪر ۾ گذريل 5 ڏينهن ۾ سول اسپتال مٺي ۾ غذائي کوٽ ۽ بيمارين سبب علاج دوران 6 وڌيڪ ٻار فوت ٿي ويا.اسپتال جي ذريعن موجب، ٻار مختلف بيمارين ۽ گهٽ قوت مدافعت سبب علاج هيٺ هئا.ذريعن جو چوڻ آهي ته مٺي اسپتال ۾ هڪ مهيني ۾ مختلف بيمارين سبب فوت ٿيندڙ ٻارن جو انگ 50 تائين پهچي ويو آهي.ان حوالي سان ايم ايس سول اسپتال مٺي چيو آهي ته ٻارن جي موت جو سبب گهر ۾ پيدائش ۽ گهٽ وزن آهي.










