پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ تي ڊي سي کان جواب طلب

پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ تي ڊي سي کان جواب طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي لبرٽي چوڪ تي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ تي ڊپٽي ڪمشنر کان جواب طلب ڪري ورتو.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس راحيل ڪامران تحريڪ انصاف کي لبرٽي چوڪ تي جلسي جي اجازت بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران جسٽس راحيل ڪامران پنجاب حڪومت جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ته مسئلو ڇا آهي، اڃا تائين اجازت ڇو ناهي ڏني وئي؟ عدالت ڊپٽي ڪمشنر کي سڀاڻي تائين درخواست تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر سڀاڻي فيصلو ڪري ته اجازت ڏني وڃي يا نه.جسٽس راحيل ڪامران وڌيڪ چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ٻڌائي ته ڪهڙي سببن تي اجازت ناهي ڏني عدالت پنجاب حڪومت جي وڪيل کي سڀاڻي تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.ٻڌڻي دوران درخواستگذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته هن 15 آڪٽوبر تي لبرٽي چوڪ تي جلسي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر کي درخواست ڏني، ڊپٽي ڪمشنر درخواست تي ڪو به فيصلو نه ڪيو.درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته عدالت لبرٽي چوڪ تي ريلي جي اجازت ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو