ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو انداز سياست انتها پسند آهي.صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جو چوڻ آهي ته انتهاپسندي سبب پي ٽي آءِ پاڻ کي نقصان پهچائي رهي آهي، پي ٽي آءِ کي پي ٽي آءِ پي بڻجڻو پوندو، پي ٽي آءِ 8 فيبروري تي احتجاج جي ڪال واپس وٺي، ٽريفڪ جام هڙتال نقصان پهچائيندي، ٽريفڪ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ جا ماڻهو مزاحمت ۽ تڪرار جو شڪار ٿيندا. ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافي تي دل ڏکويل آهي، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سنڌ سان زيادتي ڪري رهي آهي.










