پي ايس او 4 لک ميٽرڪ ٽن ڊيزل درآمد روڪي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ۾ ڊيزل جي سرپلس جي ڪري پي ايس او 4 لک ميٽرڪ ٽن ڊيزل جي درآمد رد ڪري ڇڏي. ڊيزل جي طلب ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي جنهن جو سبب زرعي سيزن ۾ دير، غير موسمي برساتن ۽ صنعتي سرگرمين ۾ گهٽتائي آهي. ريفائنرين پيداوار ۾ واڌ ڪئي آهي جنهن سان سرپلس جو مسئلو وڌي ويو آهي. پي ايس او ڪويت پيٽروليم ڪارپوريشن سان ڀائيواري جو فائدو کڻندي ڊيزل جي درآمد کي گهٽ ڪيو آهي. پي ايس او جو چوڻ آهي ته موجوده طلب ۽ رسد جو فرق عارضي آهي پر ڊگهي مدي جي ناڪاري اثرن کي روڪڻ لاءِ سڌارا ضروري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو