پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو طريقيڪار طلب

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو طريقيڪار طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ لاءِ وفاقي حڪومت کان مڪينزم طلب ڪري ورتو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ اسسٽنٽ اٽارني جنرل ۽ درخواستگذار جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ بنا ڪنهن سبب جي واڌ ڪري ٿي. ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته پيٽرول عالمي مارڪيٽ جي حساب سان وڌايو ويو آهي، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته اوگرا ۽ حڪومت جو موقف سمجھ کان ٻاهر آهي.عوام کي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جا ٺوس سبب به نه ڏنا ويا آهن.عدالت چيو ته وفاقي حڪومت رڪارڊ تي آڻي ته پيٽرول جون قيمتون ڪيئن مقرر ٿيون، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو طريقيڪار واضح ڪيو وڃي.جنهن بعد عدالت وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو