پوليو جا ڦڙا پيارڻ ويل ليڊي ورڪر سان بدتميزي خلاف احتجاج

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون)پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ويل ليڊي هيلٿ ورڪرز سان بدتميزي، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو جي ملازمن پاران جوابدارن خلاف ٽنڊوباگو ٿاڻي سامھون حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. شهرجي وارڊ نمبر 3 غريب آباد محلي ۾ پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ويل ليڊي هيلٿ ورڪرز سان ملاح ذات جي نوجوان مرتضيٰ ملاح پاران بدتميزي ڪرڻ ۽ کين ٺيلها ڏئي واپس روانو ڪري ڇڏڻ واري واقعي خلاف هڪ سئو کان وڌيڪ ليڊي هيلٿ ورڪرن تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو جي ملازمن پاران ٽنڊوباگو ٿاڻي اڳيان حيدرآباد روڊ تي فخرالنساء قمبراڻي، زبيده خاصخيلي ۽ غلام فاطمه جي اڳواڻي ۾ بدتميزي ڪندڙ مرتظي ملاح جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي. هڪ ڪلاڪ کان پوءِ ڊي ايس پي ٽنڊوباگو عبدالخالق جهتيال ڌرڻو هڻندڙن سان ڳالهيون ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ تي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. جڏهن ته ٽنڊوباگو پوليس مرتظي ملاح ۽ سندس والد محمد حسن ملاح کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي وئي جتي تعلقه اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر اسلم ڀرڳڙي، ليڊي هيلٿ ورڪرز جي اڳواڻن کان لکت ۾ معافي وٺڻ بعد ليڊي هيلٿ ورڪرز ٻنهي ڄڻن کي معاف ڪري ڇڏي ڏنو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو