پوليس مقابلو، لياري گينگ جو اهم ڪارڪن مارجي ويو

پوليس مقابلو، لياري گينگ جو اهم ڪارڪن مارجي ويو

ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ پوليس ۽ هڪ انتهائي گهربل جوابدار جي وچ ۾ فائرنگ جي تبادلي ۾ لياري گينگ جو هڪ اهم ڪارڪن مارجي ويو.پوليس موجب، پاڪ ڪالوني پراڻي گوليمار ۾ پوليس ۽ هڪ انتهائي خطرناڪ ۽ گهربل جوابدار جي وچ ۾ فائرنگ جو تبادلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ملر مارجي ويو، جڏهن ته مقتول جوابدار جي قبضي مان هڪ پستول، رائفل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.پوليس چيو ته مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ انور عرف ڪوجڪ جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو پوليس کي 17 کان وڌيڪ سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو ۽ لياري گينگ وار جي ڀتا خوري جي اڳواڻ جميل چانگا جو اهم ڪارڪن هو. ان کان علاوه، ملزم تي سنگين ڪيس داخل هئا جهڙوڪ اغوا لاءِ ڀنگ، ڀتا خوري، ڌماڪيدار مادو، قتل، قتل جي ڪوشش، ڦر، غير قانوني هٿيار، منشيات ۽ پوليس تي فائرنگ سميت ٻيا ڪيس داخل هيا، پوليس موجب، ملزم کي اڳ ۾ ڪلري پوليس اسٽيشن، پاڪ ڪالوني ۽ ايس آءِ يو سي ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. مقتول ملزم واپارين کان ڀتا خوري ۾ ملوث هو ۽ ڀتا خوري جي پرچن سان گڏ گوليون موڪليندو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو