ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ دهشتگرديءَ جي هڪ وڏي منصوبي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي ادارن کي زبردست خراج تحسين ۽ مبارڪباد پيش ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جي پوليس، سيڪيورٽي فورسز ۽ انٽيليجنس ادارا انتهائي مستعد ۽ چوڪس آهن. دهشتگردن جي خلاف اها ٻي وڏي ڪاميابي آهي، ان کان اڳ دهشتگردن هڪ ٻارڙيءَ کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ کيس آپگهاتي جيڪٽ ڏئي بمبار بڻائڻ جي سازش ڪئي وئي هئي. هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته تازي ڪارروائي دوران ٻن ٽن کان وڌيڪ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، جنهن سان تمام وڏي تباهي ٿي سگهي ٿي، پر اسان جي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪندي ان خطرناڪ منصوبي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. هن چيو ته اسان انهن سمورن ادارن ۽ اهلڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن هن سازش کي ناڪام بڻايو ۽ ملڪ کي هڪ وڏي سانحي کان بچايو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي دشمن ملڪن کي هر محاذ تي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي ۽ اهي نٿا چاهين ته پاڪستان ۾ امن ۽ ترقي ٿئي. شديد ناڪامين کانپوءِ، ڀارت ۽ افغانستان جهڙن ملڪن پاران پراڪسي دهشتگردن کي استعمال ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪري سگهجي. هن پوري عمل ۾ ڀارت جو مرڪزي ڪردار آهي ۽ افغانستان جي سرزمين کي به ڀارت پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان جي خلاف سڌي سنئين جنگ نٿو وڙهي سگهي، ان ڪري هو پراڪسين جو سهارو وٺي رهيو آهي. ڀارت ڄاڻي ٿو ته تازي عرصي ۾ کيس سامهون جي جنگ ۾ عبرتناڪ شڪست ملي هئي، جنهن ڪري هو دنيا ۾ منهن ڏيکارڻ جي قابل ناهي رهيو. هاڻي هو پراڪسين ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن پاڪستان جي ترقيءَ جو رستو روڪي سگهجي ۽ اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي جنهن سان عالمي سطح تي پاڪستان کي نقصان پهچي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سموري قوم کي پنهنجي پوليس ۽ انٽيليجنس ايجنسين تي فخر آهي، جن وقت سر ڪارروائي ڪري دهشتگردي کي وقت کان اڳ ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ دشمن جا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا. هن چيو ته اسان جون فورسز متحرڪ آهن ۽ ڪارروايون جاري رهنديون. ڪا به دهشتگرد تنظيم هجي، جن جي پويان آر ايس ايس (RSS) يا ڀارتي خفيه ايجنسيون هونديون آهن، اهي ئي اهڙي قسم جي دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هونديون آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي منصوبابندي ملڪ کان ٻاهر ويهي ڪئي وڃي ٿي. اهي عنصر دشمن ملڪن جي هٿن ۾ پراڪسي بڻجي استعمال ٿين ٿا. معصوم ماڻهن کي ورغلايو وڃي ٿو جڏهن ته اصل سازش ڪندڙ ٻاهرئين ملڪن ۾ عياشيءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت ان معاملي تي ڀرپور ايڪشن وٺي رهي آهي ۽ جتي ڪٿي به سندن هينڊلرز موجود هوندا، انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سفارتي سطح تي به هر محاذ تي ان معاملي کي اثرائتي نموني اٿاريو آهي. جڏهن به پاڪستان خلاف جارحيت ڪئي وئي، پاڪستان ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. جڏهن به سرحد پار کان دهشتگردي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پاڪستان دشمن کي ڀرپور جواب ڏئي سبق سيکاريو. سنڌ جي سينيئر وزير جو چوڻ هو ته بارڊر سيڪيورٽي اڳ کان وڌيڪ بهتر آهي. پاڪستان انهن ملڪن سان به ڳالهيون ڪري رهيو آهي جتي ويهي پاڪستان خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن، ته جيئن انهن عنصرن کي سختيءَ سان روڪيو وڃي. پاڪستان سفارتي پليٽ فارمن کي به استعمال ڪيو آهي ۽ جڏهن به ضرورت پئي، پنهنجي حق مطابق عملي قدم پڻ کنيا آهن ۽ اڳتي به کڻندو رهندو.










