پنوعاقل ۾ شهرين کي ڦريندڙ عورتن جو ٽولو سڳ سوڌو گرفتار

پنوعاقل ۾ شهرين کي ڦريندڙ عورتن جو ٽولو سڳ سوڌو گرفتار

پنوعاقل (ن س )پنوعاقل جي ميزان بئينڪ مان پئسا ڪڍرائي ٻاهر نڪرندڙ شهري کي ڇهن عورتن جي ٽولي گهيري ورتو، عورتن شهري جي جيب ۾ رکيل پنج لک روپيا ڪڍي ورتا. شهري جي بروقت سنڀالڻ ۽ پوليس کي اطلاع ڏيڻ تي پوليس پهچي عورتن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو، جتي ليڊيز پوليس پاران تلاشي وٺڻ دوران گرفتار عورتن وٽان چوري ڪيل پنج لک روپيا هٿ ڪيا ويا، جيڪي اصل مالڪ حوالي ڪيا ويا.!

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو