پنجاب ۾ تيز برساتن جو الرٽ جاري، ٽن شهرن ۾ شهري ٻوڏ جو خدشو

پنجاب ۾ تيز برساتن جو الرٽ جاري، ٽن شهرن ۾ شهري ٻوڏ جو خدشو

لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ڊي ايم اي پنجاب سڄي صوبي ۾ وڌيڪ برساتن لاءِ الرٽ جاري ڪيو آهي.صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پنجاب موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ لاهور، قصور، شيخوپوره ۽ سيالڪوٽ ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي.پي ڊي ايم اي عملدارن جو چوڻ آهي ته برساتن جي ڪري، لاهور، راولپنڊي ۽ گوجرانوالا ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ مون سون جي برسات 31 جولاءِ تائين جاري رهي سگهي ٿي.ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب، چناب، جهلم، راوي ۽ ان جي آس پاس جي دريائن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي، جڏهن ته ستلج درياءَ ۾ گنڊا سنگهه تي پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ جو امڪان آهي.ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب، نارووال نالہ بيان ۾ گهٽ سطح جي ٻوڏ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو