پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهي:جسٽس شاهد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس ۾ جسٽس شاهد وحيد اختلافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي جسٽس شاهد وحيد پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ چيو آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ آئين سان ٽڪراءَ ۾ آهي، پارليامينٽ کي به اهڙا قانون ٺاهڻ جو اختيار نه آهي، ڪو به قانون آئين ۾ عدالت کي ڏنل رولز ٺاهڻ واري حق تي حاوي ٿي نه ٿو سگهي هن چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جو مقصد عدليه جي آزاديءَ تي پابندي لڳائڻ آهي، آرٽيڪل 191 جو سهارو وٺڻ جي اجازت ملي ته عدالتي معاملن ۾ آرڊيننس سان به مداخلت ٿي سگهندي، آڪٽوبر 2023 ۾ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ اڪثريتي راءِ سان پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ کي آئين موجب قرار ڏنو هو جسٽس شاهد وحيد پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ چيو آهي ته عدالتي دائره اختيار ۾ اضافو رڳو آئيني ترميم جي ذريعي ئي ممڪن آهي، سادي قانونسازي سان عدالتي اختيارن جي دائري ۾ ڪا نئين واڌ نه ٿي ڪري سگهجي، ججز جي 3 رڪني ڪميٽي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ۾ موجود خامين کي رولز بڻائي درست نه ٿي ڪري سگهي هن چيو ته ججز ڪميٽي جو ڪو ميمبر موجود نه هجي ته ان جي جڳهه ڪير وٺندو؟ ان بابت قانون خاموش آهي، ڪميٽي جا 2 ميمبر چيف جسٽس کي صوبائي رجسٽري اماڻڻ جو فيصلو ڪن ته ڇا ٿيندو؟ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جو انتظامي سربراهه هوندو آهي، کيس ٻئي صوبي ڏانهن موڪلڻ جا سنگين نتيجا هوندا، هر ڪيس تي 5 رڪني بينچ ٺهڻ لڳي ته پوءِ التويٰ ۾ پيل 50 هزار ڪيسن جو ڇا ٿيندو؟ ان نقطي مان واضح آهي ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون انصاف جي فراهمي ۾ ڪيڏي وڏي رنڊڪ بڻجندو، اختلافي نوٽ جو مقصد هن غلطيءَ جو مستقبل ۾ سڌارو ڪرڻ آهي…

پهنجو تبصرو موڪليو