دراندازي جي ڪوشش ناڪام، 5 خودڪش بمبار گرفتار

دراندازي جي ڪوشش ناڪام، 5 خودڪش بمبار گرفتار

پشاور (ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي فورسز پاڪ-افغان سرحد تان خوارج جي دراندازي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ 5 مبينا خودڪش بمبارن کي گرفتار ڪري ورتو. سيڪيورٽي ذريعن موجب، 17 جولاءِ تي شام 5 وڳي خارجي پاڪ-افغان سرحد تان دراندازي جي ڪوشش ڪئي، سيڪيورٽي فورسز اطلاع ملڻ تي 5 مختلف هنڌن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون، ۽ شام 6:25 تي، خوارج سرحد تان پاڪستاني علائقي ۾ داخل ٿيا.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دراندازي کان پوءِ خوارج عزيز خيل ۽ مندي خيل ڏانهن وڌيا، جتي فورسز جي موجودگي سبب خوارج بيسي خيل ۾ مسجد ۾ پناهه ورتي، جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز فوري طور تي مسجد کي گهيرو ڪري ورتو. سيڪيورٽي ذريعن موجب، خوارج سيڪيورٽي فورسز جي بهترين حڪمت عملي جي ڪري هٿيار ڦٽا ڪيا. سيڪيورٽي ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار ٿيل خوارج افغان شهري آهن، جن مان ٽن وٽ افغان سڃاڻپ ڪارڊ پڻ آهن، جڏهن ته گرفتار ٿيل فردن جي عمر 15 کان 18 سالن جي وچ ۾ آهي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀني خوارج کي وڌيڪ پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو