ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته پاڪستان جون سموريون پارٽيون 5، 6 نڪتن تي متفق ٿي صحيح ڪن. پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي باني کان مان صحيح ڪرائيندس.قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي ڪراچي ۾ محمد زبير جي رهائشگاهه تي ڏنل مانجهاندي کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان بحران ۾ گهيريل آهي، اهي بحران اندر کان پيدا ڪيا ويا آهن.هن چيو ته ملڪ جا ڪيترائي ادارا نوڪر جو ڪم ڪري رهيا آهن. اسان جي فوج يا ڪنهن اداري سان دشمني نه آهي. اسان جي فوج دنيا جي بهترين فوج آهي. فوج کان سواءِ ملڪ نٿو هلي سگهي. هن چيو ته غلط پاليسين سبب ملڪ فاقن طرف وڌي رهيو آهي اوهان هڪ وڏي پارٽي کان انهي جو نشان ڦري ورتو، ملڪ جي وڏي پارٽي جو اڳواڻ جيل ۾ آهي.اپوزيشن اتحاد جي سربراهه چيو ته سهيل آفريدي جو ڪراچي جو دورو ڪامياب رهيو آهي، اسان ظلم مٽائڻ جي لاءِ آيا آهيون اچو اسان سان گڏ هلو. محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان هن ملڪ جي لاءِ وڙهيا آهيون. باجوڙ کان خيبر تائين حالتون بهتر نه آهن. افغانستان ايشيا جو دل آهي. افغانستان جي مسئلي کي زميني حقيقتن کي ڏسندي حل ڪريو مسئلن جو حل طاقت نه پر ڳالهين سان نڪرندو.هن چيو ته اسان اقتدار وارا ماڻهو نه آهيون، تحريڪ آئين جي حفاظت لاءِ ٺهي آهي. اندازو نه هو ته حڪومت آئين تي حملو ڪندي، اها تحريڪ اسان ڪنهن جي دشمني ۾ نه ٺاهي آهي. هن چيو ته اصل پي ڊي ايم لنڊن ۾ ٺاهي رهيا هئاسين، انهي وقت چيو هو ته ڪنهن کي هٽائڻ ۾ شامل نه ٿيندس. هن چيو ته هن بربادي جي خلاف اسان کي نڪرڻو پوندو. فضل الرحمان به اسان گڏ جلد شامل ٿي ويندو.مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته حڪمرانن سان گله آهي انهن کي جمهوري حڪمراني نٿي اچي، نوازشريف ٻڌي رهيو هوندو، نوازشريف ڪميٽي ٺاهي هئي، ڪميٽي گڏيل فيصلو ڪيو ته افغان جيڪي هتي پيدا ٿيا انهن کي شهريت ڏني وڃي. هن چيو ته فاٽا بنا پگهار جو سپاهي هو، پاڪستان ڏنڊن سان نه هلندو. وزيرستان اوهان جو آهي دل سان لڳايو ته مسئلا حل ٿي ويندا. مدرسن کي ڪنهن دهشتگردي ۾ تبديل ڪيو آهي، حالتن جي خرابي جو ذميوار مان نه آهيان.










