پاناما بعد والد تي مشڪل وقت آيو ته سياست ۾ آيس: مريم

پاناما بعد والد تي مشڪل وقت آيو ته سياست ۾ آيس: مريم

چڪوال: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف پنجاب جي ضلعي چڪوال ۾ اسڪول آف ايڪسيلينس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاناما کان پوءِ والد تي مشڪل وقت آيو ته سياست ۾ آيس، 2 ڀيرا بنا ڪنهن ڏوهه جي جيل ويس.تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٻوڏ سبب ڪمن ۾ مصروف ٿي وئي هيس، منهنجي نظر ۾ چڪوال جي اهميت اهائي آهي جيڪا ٻين شهرن جي آهي. گذريل سال اسان 30 هزار اسڪالر شپ ڏنيون هن سال سوا لک ليپ ٽاپ ڏينداسين. مريم نواز چيو ته جڏهن عهدي جو حلف کنيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي هئي، صوبي ۾ ڏوهن تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، ڏوهن جي شرح ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي آهي، محفوظ ۽ خوشحال پنجاب منهنجو خواب آهي.هن چيو ته نوجوان صوبي جا سڀني کان وڏا اسٽيڪ هولڊرز آهن، پنهنجي نياڻين جو رستو نه روڪيو. هن چيو ته جڏهن ملڪ اسان جي حوالي ٿيو ته انهي وقت خزانو خالي هو، اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته ملڪ ڊيفالٽ ٿي ويندو. اڄ اهوئي ملڪ آهي، ڏيڍ سال جي اندر هي حڪومت ملڪ کي ڪٿان کان ڪٿي کڻي وئي، سفارتي حوالي سان ملڪ اڪيلو هو، ڪوبه ملڪ پڇندو نه هو، پاڪستان کي ناڪام رياست قرار ڏيڻ جو خطرو نظر اچي رهيو هو.پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته اڄ جڏهن شهباز شريف سعودي عرب ويو ته انهي جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندي ئي انهن پنهنجا فائٽر جيٽ جهاز اماڻيا، هي اهوئي ملڪ آهي، الله تعاليٰ هر سفارتي محاذ تي ساٿ ڏئي رهيو آهي. شهباز شريف جڏهن پرڏيهي سربراهن سان گڏ بيهي ٿو ته لڳي ٿو ته انهي جا پراڻا دوست آهن، هي اهوئي ملڪ آهي جنهن کي الله عزت ڏئي رهيو آهي.هن چيو ته اسان وٽ ڪا جادو جي لٺ نه آهي پر ها منهنجا ٻارو دل جيڪا آهي اهو هن ملڪ، هن مٽيءَ، پاڪستان، انهي جي جوانن ۽ انهي جي عوام جي محبت سان ڀريل آهي دل چوي ٿي ته اسان ملڪ جي عوام لاءِ ڪجهه ڪري وڃون. جڏهن ڪجهه ڪرڻ جو جذبو هوندو آهي ته انسان ڪجهه نه ڪجهه ڪري وٺندو آهي، ڪم پاڻ ڳالهائيندا آهن.مريم نواز چيو ته پنجاب ۾ تاريخ جي بدترين ٻوڏ آئي، تاريخي رليف آپريشn ڪيو ويو. مون سميت سموري ڪابينه متاثر علائقن ۾ موجود رهي. افسوس ٻين wوبن پنجاب ۾ ٻوڏ صورتحال تي پريس ڪانفرنسون ڪيون، وزيرن جو ڪم بليٽ پروف گاڏين ۾ گهمڻ ۽ ٿڌن ڪمرن ۾ ويهڻ نه آhي. جنهن کي روڊ ۽ سستي ماني نٿي ملي اهي پنهنجي حڪمرانن کان سوال ڪن.پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته پاناما کان پوءِ والد تي تمام گهڻيون پريشانيون آيون، مان سياستدان بنجڻ جي خواهشمند نه هئس، والد تي مشڪل وقت آيو ته مون سندس ڀرپور ساٿ ڏنو. 2 ڀيرا بنا ڪنهن ڏوهه جي جيل وڃڻو پيو، قيد ۾ رکيو ويو. جون جولاءِ ۾ جيل جو ڪمرو تندور جيان گرم هوندو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو