پائيدار شهري ترقي سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي

پائيدار شهري ترقي سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير بلديات ناصر حسين شاه چيو آهي ته پروپ ٽيڪ ڪنوينشن ريئل اسٽيٽ شعبي ۾ پاليسي سازي، جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيڙپڪاري کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ وارو هڪ اثرائتو ۽ ڀروسي جوڳو فورم بڻجي چڪو آهي، جيڪو پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ جديد ۽ پائيدار ريئل اسٽيٽ ايڪو سسٽم جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هو ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ منعقد ٿيل ڇهين پروپ ٽيڪ ڪنوينشن کي خطاب ڪري رهيو هو. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت غير قانوني تعميرن خلاف زيرو ٽالرينس پاليسي تي سختي سان عمل ڪري رهي آهي ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ عنصرن خلاف بغير ڪنهن امتياز جي ڪارروائيون جاري آهن، جيئن شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. ناصر حسين شاه چيو ته ريئل اسٽيٽ شعبي ۾ ٽيڪسيشن نظام، دستاويزي عمل ۽ ڪمپلاينس کي جديد بنيادن تي استوار ڪيو پيو وڃي، جنهن سان شفافيت ۾ واڌ ٿيندي ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ٿيندو. هن چيو ته رهائشي ۽ ڪمرشل منصوبن ۾ معيار، اعتماد ۽ ڊگهي مدي واري ويليو کي بنيادي اصول بڻايو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته پائيدار شهري ترقي سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. صوبائي وزير زور ڏنو ته ڪراچي جهڙي ميگا سٽي ۾ مربوط شهري منصوبابندي لاءِ حڪومت، بلڊرز، ڊولپرز ۽ ريئل اسٽيٽ شعبي وچ ۾ مضبوط ڀائيواري انتهائي ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ريگيوليٽري سڌارن سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ريئل اسٽيٽ سسٽم، ڊجيٽل ريڪارڊ، شفاف مانيٽرنگ ۽ آن لائين منظوري نظام جي فروغ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. ناصر حسين شاه چيو ته پروپ ٽيڪ ڪنوينشن جهڙا فورم نه صرف نون سيڙپڪاري موقعن کي جنم ڏئي رهيا آهن، پر روزگار جا امڪان وڌائڻ ۽ بين الاقوامي سيڙپڪارن کي متوجه ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جيڪا قومي معيشت لاءِ مثبت اڳڀرائي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو