ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي بابت باني پي ٽي آءِ جو موقف ڪنهن کان به لڪيل ناهي. ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ جي باني هميشه طالبان جي حق ۾ ڳالهايو ۽ انهن جا آفيس کوليا. پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي اسڪولن، مسجدن، امام بارگاهن ۽ فوج تي حملو ڪيو.شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ قيادت هميشه طالبان لاءِ نرم گوشو رکيو آهي، انهن جي پنهنجي صوبي ۾ بيگناهه جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، مغرب کان پوءِ پوليس اسٽيشن بند ڪيا ويا آهن، ۽ ڪي پي حڪومت جي ذميواري آهي ته اتي جي ماڻهن کي سيڪيورٽي فراهم ڪري.










