ٽينڪرن ۽ هائيڊرنٽس ذريعي پاڻي جي فراهمي بند ڪرڻ جو فيصلو

ٽينڪرن ۽ هائيڊرنٽس ذريعي پاڻي جي فراهمي بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ شهرين کي گهر تي پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان وڏي خبر سامهون آئي آهي.ڪي ايم سي اختيارين موجب ڪراچي ۾ ٽينڪرن ۽ هائيڊرنٽس ذريعي پاڻي جي فراهمي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب واٽر ڪارپوريشن جي اعليٰ اختيارين کي متبادل نظام قائم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ سڀني ستن هائيڊرنٽس کي بتدريج ختم ڪيو وڃي ۽ پاڻي جي فراهمي لائنن ذريعي ڪئي وڃي.مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته واٽر هائيڊرنٽس جو معاهدو گذريل سال ختم ٿي ويو هو، ۽ نوان ٺيڪا جاري نه ڪيا ويندا، بلڪه شهري پنهنجن ٽينڪرن کان آزاد ٿي ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو