ٽنڊوالهيار (ن س) ٽنڊوالهيار ويجهو ڳوٺ کمون ڪڇي واسي نوجوان جو ڪراچي جي هڪ پيور بلاڪ فيڪٽري مان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي مقتول جي وارثن پاران تشدد ڪري قتل ڪرڻ جو سنگين الزام مڙهيندي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.رپورٽ موجب ٽي ڏينهن اڳ پورهيو ڪرڻ لاءِ ڪراچي ويل ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ کمون ڪڇي جو رهواسي سورج ٺاڪر جو پراسرار نموني تشدد ٿيل لاش هٿ آيو اطلاع ملندي ئي مقتول جا وارث ڪراچي پهچي ويا جتي نوجوان جو لاش ڏسي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. مقتول سورج ٺاڪر جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سورج رڳو ٽي ڏينهن اڳ پيور بلاڪ فيڪٽري ۾ مزدوري لاءِ ويو هو هن جي جسم تي تشدد جا چٽا نشان موجود آهن جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته کيس بي گناهه قتل ڪيو ويو آهي وارثن الزام هنيو آهي ته نوجوان تي سخت تشدد ڪري کيس ماري لاش اڇلائي ڇڏيو آهي.گهر ۾ سوڳ جي لهر نوجوان جو لاش اباڻي ڳوٺ کمون ڪڇي پهچڻ تي علائقي ۾ سوڳ واري لهر ڇائنجي وئي آهي مقتول جي پونئيرن پاران اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي وئي آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي پوليس پاران واقعي جي شروعاتي رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي جڏهن ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ اصل حقيقتون سامهون اچي سگهنديون.










