ٽرين ۾ سفر ڪندڙ عورت اچانڪ طبيعت خراب ٿيڻ سبب فوت

ٽرين ۾ سفر ڪندڙ عورت اچانڪ طبيعت خراب ٿيڻ سبب فوت

روهڙي (رپورٽر عبدالقدوس مھر) روھڙي مسافر ٽرين ۾ سفر ڪندڙ عورت فوت ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ٽرين اپ پاڪستان ايڪسپريس ۾ سفر ڪندڙ 47 ورهين جي عورت نسيم اختر زال نويد احمد مغل روهڙي اسٽيشن ويجهو اچانڪ طبيعت خراب ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي۔ ريلوي پوليس موجب عورت کي ايمرجنسي حالت ۾ تعلقا اسپتال روهڙي منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن معائنو ڪرڻ بعد سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي۔ پوليس موجب ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو۔ وارثن ٻڌايو ته هو اصل ميرپورخاص جا رهواسي آهن ۽ مريض عورت اڳ ۾ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، جنهن کي وڌيڪ علاج لاءِ فيصل آباد منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ روهڙي ڀرسان طبيعت اوچتو وڌيڪ خراب ٿي وئي۔ وارثن موجب فوتي عورت ٽن ٻارن جي ماءُ هئي، جڏهن ته سندس مڙس سرڪاري ملازم آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو