ٺل : ناري آسيا کوسو ڪيس ۾ گرفتار اهلڪار ايف آئي اي حوالي

ٺل : ناري آسيا کوسو ڪيس ۾ گرفتار اهلڪار ايف آئي اي حوالي

ٺل :(ن س) ناري آسيا کوسو ڪيس ۾ گرفتار 8 پوليس اهلڪارن کي ايف آئي اي حوالي ڪيو ويو آهي. ايس ايڇ او آرڊي 52 مقصود سنجراڻي ،ايس ايڇ او آرڊي 44 محمد نواز بروهي سميت 8 پوليس اهلڪارن کي سخت پهري ۾ لاڙڪاڻو ۾ ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو.جاچ آفيسر ڊي ايس پي ٺل غلام مصطفي ابڙو جي سربراهي ۾ وڏي نفري پوليس اهلڪارن کي پاڻ سان گڏ وٺي لاڙڪاڻو ٿي وئي جتي اهلڪارن کي ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو ويو. ان حوالي سان جاچ آفيسر ڊي ايس پي ٺل غلام مصطفيٰ ابڙو ٻڌايو ته عدالت جي حڪم تي 8 جوابدارن کي ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو ويو، ايف آءِ اي کي مڪمل رڪارڊ به فراهم ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو