ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلديا مواڇ ڳوٺ ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو.مراد علي شاهه ضلعي انتظاميا ۽ بچاءُ وارن ادارن کي فوري ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ريسڪيو اختيارين موجب، بلديا مواڇ ڳوٺ ويجهو ڀت ڪرڻ سبب 11 ماڻهو فوت ٿي ويا.ان حوالي سان ايس ايس پي ڪياماڙي سانگهڙ ملڪ چيو ته پهرين منزل تي ٻي منزل جي ڇت ڪري پئي، هي رهائشي عمارت ناهي.










