ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه سان گڏ، سنڌ سيڪريٽريٽ جو غير اعلانيه دورو ڪيو ۽ سيڪريٽريٽ ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو، وڏي وزير جي دوري دوران، 6 کاتن جا سيڪريٽري صبح 9:30 وڳي تائين آفيسن مان غير حاضر مليا، مڪاني حڪومت، خوراڪ، ٻيلن، ثقافت، محنت ۽ لائيو اسٽاڪ کاتن جا سيڪريٽري غير حاضر رهيا، جنهن تي وڏي وزير سنڌ غير حاضر سيڪريٽرين کان جاچ جو حڪم ڏنو،ان موقعي تي، چيف سيڪريٽري سنڌ غير حاضر سيڪريٽرين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا.










