ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ايراني قونصليٽ پهتو جتي هن ايران جي قونصل جنرل اڪبر اسزاده سان ملاقات ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي ۽ ٻين اڳواڻن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ تعزيت ڪئي، ۽ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ عوام هن سانحي تي ايران سان گڏ آهن.صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه پڻ ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ موجود هو.سنڌ جي وڏي وزير ايراني قونصليٽ ۾ فاتحه خواني ڪئي ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ سوگوار خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.










