اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مئي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ بندي کان پوءِ هڪ اهم پيش رفت ۾، ٻنهي پاسن قيدين جي فهرستن جو مٽاسٽا ڪئي آهي،پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، قيدين جي فهرستن جو تبادلو 1 جولاءِ تي قونصلر رسائي معاهدي 2008 جي تحت ڪيو ويو.پرڏيهي آفيس جي مطابق، پاڪستان ڀارت کي 246 هندستاني يا امڪاني هندستاني قيدين جي فهرست ڏني، جن ۾ 53 شهري ۽ 193 ماهيگير شامل آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، ڀارت پاڪستان کي 463 پاڪستاني يا امڪاني پاڪستاني قيدين جي فهرست ڏني آهي، جن ۾ 382 پاڪستاني شهري ۽ 81 ماهيگير شامل آهن.ترجمان چيو ته پاڪستان انهن سڀني قيدين جي فوري طور تي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي جيڪي پنهنجيون سزائون پوريون ڪري چڪا آهن، جڏهن ته جسماني ۽ ذهني طور تي بيمار قيدين جي شهريگي جي تصديق لاءِ قونصلر رسائي جي درخواست ڪئي آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، پاڪستان هندستاني حراست ۾ پاڪستاني قيدين جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو آهي، چيو آهي ته پاڪستان انساني بنيادن تي قيدين جي واپسي کي اولين ترجيح ڏئي ٿو.










