وڏو ڌاڙو، ڦورو، 200 تولا سون، هڪ لک ڊالر ڦر ڪري فرار

وڏو ڌاڙو، ڦورو، 200 تولا سون، هڪ لک ڊالر ڦر ڪري فرار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بهادر آباد ۾ هلندڙ سال جي سڀني کان وڏي ڌاڙي جي ڪارروائي پيش آئي آهي، جنهن ۾ هٿياربند جوابدار هڪ شهري کان ان جي گهر پهچڻ تي 200 تولا سون ۽ هڪ لک ڊالر ڦر ڪري فرار ٿي ويا.پوليس ذريعن موجب جوابدارن شهري جو شاهراهه فيصل کان پيڇو ڪيو جنهن کان پوءِ گهر پهچڻ تي انهي تي حملو ڪيو، چار هٿياربند موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي شهري کان سون ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي ۽ فرار ٿي ويا.ڌاڙي ۾ ڦر ڪيل رقم 13 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي. واقعي وقت علائقي ۾ سيف سٽي ڪيمرائن ۽ سي پي ڪي جي نگراني موجود هئي. پر ڏوهارين جي گرفتاري اڃان تائين ممڪن نه ٿي سگهي آهي. پوليس شاهديون گڏ ڪري مختلف هنڌن جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪري ورتي آهي.پوليس موجب ڪيس بهادر آباد ٿاڻي ۾ متاثر شهري سيد معاذ علي جي مدعيت چئن اڻڄاتل جوابدارن جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جوابدارن جي ڳولا ۽ گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪوششون جاري آهن جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو