وهاب جي نامزدگي فارم خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ

وهاب جي نامزدگي فارم خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) اليڪشن ٽربيونل اولهه ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ڪيماڙي جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران رٽرننگ آفيسر ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جو وڪيل ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.ريٽرننگ آفيسر ٽربيونل ۾ لکت ۾ بيان جمع ڪرائي ڇڏيو، عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو 19 آڪٽوبر تي ٻڌايو ويندو،درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ قانون ۾ چيو ويو آهي ته اميدوار لاڳاپيل ڪائونسل جو ووٽر هجڻ ضروري آهي، قانون موجود آهي، ڪنهن به معاملي تي قانون کان ٻاهر ڪجهه نٿو ڪري سگهجي.درخواست ۾ ٽربيونل کان استدعا ڪئي وئي آهي ته مرتضيٰ وهاب جو تعلق ڪيماڙي ضلعي سان ناهي تنهن ڪري سندس نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو