اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان عهدو ڇڏيندڙ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل ساحر شمشاد مرزا جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ ملڪ ۽ قوم جي لاءِ خدمتن تي واکاڻ ڪئي. ياد رهي ته جنرل ساحر شمشاد مرزا هٿياربند فوج جو 18هون ۽ آخري چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي هوندو. اهو 27 نومبر 2025ع تي پنهنجي نوڪري جو مقرر مدو پورو ڪندو.










