واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت

واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ هڪ ٻيو حادثو پيش آيو جڏهن هڪ پاڻي جي ٽينڪر موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ۾ هڪ شخص مارجي ويو.ڪراچي جي سرجاني ٽائون علائقي ۾ فور ڪي چورنگي جي ويجهو پاڻي جي ٽينڪر سان ٽڪرائجي هڪ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو.ريسڪيو اختيارين موجب، فوت ٿيل جي سڃاڻپ عابد جي نالي سان ٿي آهي.حادثي کان پوءِ، پاڻي جي ٽينڪر جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته ڪاوڙيل ماڻهن پاڻي جي ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو