وائيٽ ڪالر جرم ڪو معمولي ڏوهه ناهي: چيف جسٽس

وائيٽ ڪالر جرم ڪو معمولي ڏوهه ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ ٽيڪس فراڊ ۾ گرفتار جوابدار جي ضمانت واپس وٺڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته وائيٽ ڪالر ڪرائم عام ڏوهه ناهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ جوابدار عمار رفيق جي گرفتاري کانپوءِ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.چيف جسٽس پاڪستان رمارڪس ڏيندي چيو ته وائيٽ ڪالر ڪرائم ڪو عام ڏوهه ناهي، وائيٽ ڪالر ڪرائم سان ملڪ کي تمام گهڻو نقصان ٿيندو آهي، ايتري دعويٰ جعلي انوائسن تي ڪئي وئي،چيف جسٽس آف پاڪستان پڇاڻو ڪيو ته ڪنهن جي اڪائونٽ ۾ زبردستي رقم ڪيئن داخل ٿي سگهي ٿي؟ هي ڪو معمولي ڏوهه ناهي، ڪهڙي بنياد تي جوابدارن جي ضمانت ٿيڻ گهرجي؟،جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته اربين جو فراڊ آهي،درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن ڪجهه ناهي ڪيو، اهو سمورو ڪم ٽيڪس ڪنسلٽنٽ جو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته صلاحڪار به ڌانڌلي ڪئي ۽ جوابدارن کي فائدو پهچايو،درخواستگذار جي وڪيل چيو ته مان درخواست واپس وٺان ٿو،سپريم ڪورٽ درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي.اربين رپين جي ٽيڪس فراڊ جي ڏوهه ۾ گرفتار جوابدار عمار رفيق گرفتاري بعد ضمانت لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو