ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي يونيورسٽيز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورسز بورڊ جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ چيئرمين تميزالدين کهيڙو، سيڪريٽري منور علي مٺاڻي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران اداري جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو ٻڌايو ته 2008ع کان هن وقت تائين پنج لک چاليهه هزار ست سؤ اٺونجاھ (540,758) نوجوان بورڊ ۾ رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، جن مان چار لک ٻاويهه هزار ست سؤ هڪ (422,701) نوجوانن تربيت مڪمل ڪئي آهي، جڏهن ته هڪ لک ٻاهتر هزار چوئيتاليهه (172,044) نوجوان باقاعده روزگار سان لاڳاپيل ٿي چڪا آهن۔ هن چيو ته اداري مان تربيت حاصل ڪندڙ 41 سيڪڙو نوجوان مختلف ادارن ۾ نوڪريون ڪري رهيا آهن۔ محمد اسماعيل راهو چيو ته بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورسز بورڊ 2008ع کان فعال آهي ۽ 2013ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي بل ذريعي ان کي باقاعده بورڊ جو درجو ڏنو ويو۔ هي ادارو ڳوٺاڻي ۽ شهري علائقن جي نوجوانن کي فني ۽ پيشيوراڻي تربيت فراهم ڪري رهيو آهي، جيئن کين باعزت روزگار لائق بڻائي سگهجي۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته 18 کان 35 سال عمر جي نوجوانن کي داخلا ڏئي جديد گهرجن مطابق مهارتون سيکاريون وڃن ٿيون، جڏهن ته هر ضلعي لاءِ الڳ ڪوٽا مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن برابري جا موقعا يقيني بڻائي سگهجن۔ محمد اسماعيل راهو چيو ته سنڌ حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت پنج هزار مستحق عورتن جي ٻارن کي مختلف ادارن ۾ مفت تربيت پڻ فراهم ڪري رهي آهي۔ صوبائي وزير موجب هر تربيت يافته نوجوان کي 2,500 رپيا ماهوار وظيفو ڏنو وڃي ٿو ۽ خوش آئند ڳالهه اها آهي ته تربيت حاصل ڪندڙن ۾ عورتن جو تعداد وڌيڪ آهي۔ هن چيو ته اداري جو مقصد صوبي ۾ بي روزگاري گهٽائڻ، صنعتن جي ضرورتن مطابق افرادي قوت تيار ڪرڻ ۽ نوجوانن کي معاشي طور خودمختيار بڻائي ملڪي ترقي ۾ شامل ڪرڻ آهي۔










