هر قيمت تي گل پلازه متاثرين کي بحال ڪبو: وڏو وزير

هر قيمت تي گل پلازه متاثرين کي بحال ڪبو: وڏو وزير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت گل پلازا جي متاثرين سان گڏ آهي ۽ سنڌ حڪومت گل پلازا جي متاثرين کي هر طرح سان بحال ڪندي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس گل پلازا سانحي جي شهيدن لاءِ دعا گهري ويندي.ان موقعي تي ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته گل پلازا سانحي وڏو ڏک ۽ صدمو پهچايو آهي، پيپلز پارٽي حڪومت گل پلازا جي متاثرين سان گڏ آهي.اجلاس ۾ ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي ته سنڌ رينيوئيبل انرجي ڪمپني 2012 ۾ قائم ڪئي وئي هئي ۽ ڪمپني ۾ 101.622 ملين رپيا سيڙپڪاري ڪئي وئي هئي، ڪمپني جا ڪم توانائي کاتي پاران ڪيا پيا وڃن، تنهن ڪري ڪمپني جي ڪا ضرورت ناهي. ڪابينا رينيوئيبل انرجي ڪمپني کي بند ڪرڻ جي منظوري ڏني.ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ديهبيلو ميائو ۾ 6 ايم جي ڊي واٽر فلٽريشن پلانٽ قائم ڪرڻ لاءِ 400 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن لاءِ ڪابينا حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن کي 100 ايڪڙ ٻيلي جي زمين الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي.ڪابينا ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ٻيلي کاتي کي پوک لاءِ 100 ايڪڙ متبادل زمين فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو