نيوٽرل هنڌ تي کيڏڻ جو فارمولو آيو ته پاڪستان ڀارت نه ويندو

نيوٽرل هنڌ تي کيڏڻ جو فارمولو آيو ته پاڪستان ڀارت نه ويندو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ڪرائڻ واري معاملي تي آءِ سي سي آڏو پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته چيمپيئنز ٽرافي پاڪستان ۾ ڪرائڻ واري معاملي تي پي سي بي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل سان رابطو ڪيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چيمپيئنز ٽرافي منعقد ڪرڻ واري معاملي تي آءِ سي سي آڏو پنهنجو موقف واضح ڪندي بال آءِ سي سي جي ڪورٽ ۾ اڇلائي ڇڏي آهي.ذريعن موجب پاڪستان مطالبو ڪيو آهي ته بورڊ اجلاس کان اڳ چيمپيئنز ٽرافي لاءِ قابل قبول فارمولو ڏنو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي آءِ سي سي کي ٻڌايو ته جيڪڏهن ڀارت خلاف ميچ غير جانبدار هنڌ تي کيڏڻ جو فارمولو ٺاهيو ويو ته پاڪستان ڪڏهن به کيڏڻ ڀارت نه ويندو.ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجو موقف واضح ڪرڻ کانپوءِ هاڻي آءِ سي سي جي جواب جو انتظار ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو