توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي احتساب بيورو (نيب) توشه خانه گاڏي ريفرنس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست ڪري ڇڏي.قومي احتساب بيورو (نيب) توشه خانه گاڏين بابت ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کان جاچ لاءِ رپورٽ اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.نيب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سعودي حڪومت 1997ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف کي ڪار تحفي ۾ ڏني هئي. نواز شريف تحفي ۾ مليل ڪار توشه خاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو