نوجوانن لاءِ يوٿ ڪارڊ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

نوجوانن لاءِ يوٿ ڪارڊ متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي جي نوجوانن لاءِ يوٿ ڪارڊ متعارف ڪرائڻ جي تيارين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ راندين واري کاتي کي طريقيڪار تيار ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي۔ ان سلسلي ۾ راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ يوٿ ڪارڊ متعارف ڪرائڻ بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ راندين واري سيڪريٽري منور علي مهيسر، ڊائريڪٽر اسد اسحاق، چيف انجنيئر محمد اسلم مهر ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ صوبي جي نوجوانن لاءِ يوٿ ڪارڊ جي تيارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته يوٿ ڪارڊ لاءِ اهڙو طريقيڪار تيار ڪيو وڃي، جنهن سان صوبي جي نوجوان طبقي کي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿي سگهي۔ سردار محمد بخش مهر چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خصوصي هدايتن تي هلندڙ سال جون کان اڳ سنڌ يوٿ ڪارڊ متعارف ڪرائڻ جو پلان آهي۔ يوٿ ڪارڊ ذريعي نوجوانن کي تعليم، هُنر، روزگار، ماهوار وظيفو، اسڪالرشپس ۽ اسپورٽس جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو