لنڊن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مشاورت ذريعي فيصلو ڪيو ويو آهي ته نواز شريف آڪٽوبر ۾ وطن واپس ايندو. هو پاڪستان اچن ۽ قانون کي منهن ڏين.لنڊن ۾ نواز شريف سان ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته الله ڪجهه ماڻهن کي هدايت ڏئي.هن وڌيڪ چيو ته جڏهن نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ جيل ۾ هئا ته ان وقت چيف جسٽس عمر عطا بنديال ڪٿي هو؟ اڳوڻي وزيراعظم اهو به چيو ته نواز شريف جو نالو پاناما ۾ ناهي، ن ليگ اڳواڻ کي سازش تحت پاناما ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو.سندس چوڻ هو ته پاناما ۾ شامل ٻين ماڻهن کان ڪنهن به پڇاڻو ناهي ڪيو، اقاما ۾ جيڪو فيصلو ٿيو آهي اهو بدانتظامي تي ٻڌل آهي.شهباز شريف چيو ته نوازشريف ۽ سندس ڌيءَ کي جيل ۾ زمين تي سيون لڳايون ويون، نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ کي چيو ويو ته اوهان کي جيل جو کاڌو کائڻو پوندو.










